پاڇيلي مهرو

پاڇيلي مهرو: هي ڪاٺ جو ٺهيل ٻيڙيءَ جو اڳيون حصو ٿيندو آهي. ڇاٻاهي کان اڳتي ڪامن جيان ’برياٺ‘ هڻبا آهن ۽ ان جي مٿان ڪاٺ جو تختو ٻڌبو آهي. تختي جي منڍ ۾ مهرو ٿيندو آهي. ننڍين ٻيڙين ۾ رڳو هڪ آڳيل وارو مهرو ٿيندو آهي پر وڏين ٻيڙين ۾ پويان به مهرو ٿيندو آهي، جنهن کي ”پاڇيليءَ وارو مهرو“ ڪري چوندا آهن. پاڇيليءَ واري مهري جي هيٺيان ’سراڙو‘ ۽ ٻنهي پاسي ’سينڌ ڦل‘ لڳل هوندا آهن. سرائيءَ جي مٿان هڪ ڪاٺ جو ڦَٽو يا تختو لڳل هوندو آهي، جنهن تي ’سکاڻي‘ يا ناکئو ويهي، ٻيڙيءَ کي هيڏي هوڏي ضرورت مطابق ڦيرائي يا ٻيڙيءَ جو رخ موڙي سگهندو آهي. پاڇيلي مهري جي وچ ۾، جتي لانگ پٽي لڳل هوندي، اتي ’ويڻي‘ بيهارڻ لاءِ کَپ سان ٻه جاڙيون ڪاٺيون پڻ لڳائبيون آهن. ٻيڙيءَ جي پٺئين حصي کي ’پاڇيل‘ چئبو آهي، جنهن ۾ تخت، مهرو، ۽ سُکاڻ ٿيندو آهي. پاڇيل وارو حصو ويڪرو ٿيندو آهي. تخت جي هيٺان ملاحن جو سامان سڙو رکيل هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو